Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 22:16 - Muslim Sindhi Bible

16 بدڪارن جي ٽولي اچي ڪتن جيان منهنجو گھيرو ڪيو آهي. هنن ڇتن ڪتن جيان منهنجي هٿن پيرن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 22:16
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟


تون اچي منهنجي جان کي تلوارن کان ڇڏاءِ. تون هنن ڪتن جي چڪ منجھان منهنجي قيمتي حياتي اچي بچاءِ.


منهنجي انهيءَ آفت جي ڪري منهنجا دوست ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، بلڪ منهنجا مٽ مائٽ بہ منهنجي ويجھو نہ ٿا اچن.


شام ٿيڻ تي اهي نڪري اچن ٿا، ۽ ڪتي وانگر پيا گُرڪن ٿا. اهي شهر ۾ هيڏي هوڏي شڪار لاءِ ناسون هڻندا وتن ٿا.


شام ٿيڻ تي اهي نڪري اچن ٿا، ۽ ڪتن وانگر پيا گُرڪن ٿا. اهي شهر ۾ هيڏي هوڏي شڪار لاءِ ناسون هڻندا وتن ٿا.


اي خدا! مغرور ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. ظالمن جو ٽولو منهنجيءَ جان جي پٺيان پيو آهي. اهي اهڙا آهن جو تنهنجو ڪو لحاظ نہ ٿا رکن.


جڏهن تہ هو اسان جي ئي گناهن جي ڪري زخمي ڪيو ويو، ۽ اسان جي ئي بڇڙاين جي ڪري چٿيو ويو. اسان جي سلامتيءَ لاءِ هن تي سزا آئي، ۽ هن جي ئي مار کائڻ سان اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿياسين.


سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جن عيسيٰ کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا.


پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون.


پر اهي واڪا ڪري زور رکي چوندا رهيا تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“ ائين گوڙ ڪري اهي پنهنجي ڳالهہ مڃائي ويا.


جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين عيسيٰ ۽ ٻنهي ڏوهارين کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.


پوءِ سپاهي جڏهن عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ‌سبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو.


جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.


وري ٻي پاڪ لکت ۾ آهي تہ ”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا، جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“


اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“


پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“


ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ بدن کي وڍائڻ يعني طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ