Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 22:15 - Muslim Sindhi Bible

15 منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 22:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم وري ڳالهايو ۽ چيائين تہ ”اي مالڪ! مون کي تو سان همت ڪري ڳالهائڻ جي معافي ملي. آءٌ تہ رڳو مٽي ۽ رک آهيان.


تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟


مون وٽ باقي رهيو ئي ڇا آهي؟ رڳو موت جو مزو نہ چکيو اٿم، هائو، مون وٽ بنا ماس جي هي هڏائون پڃرو ئي باقي وڃي رهيو آهي.


هائو، انهن جو آواز بلڪل بند ٿي ويندو هو، ڄڻ تہ سندن زبان وڃي تارونءَ سان لڳندي هئي.“


”هاڻي تہ آءٌ مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهيان، مصيبت جي ڏينهن اچي مون کي ورايو آهي.


تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هر جسم فنا ٿي وڃي، ۽ انسان سان گڏ پوري دنيا موٽي وڃي مٽيءَ ۾ ملي.


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


پر جڏهن تون کانئن منهن موڙين ٿو، تڏهن اهي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏهن انهن جو ساهہ ڪڍين ٿو، تڏهن اهي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن.


”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟


منهنجي دل جي ڌڙڪن گھٽجي ويئي آهي، ۽ بدن جي طاقت ڇڏائبي پيئي وڃي، ايتري قدر جو منهنجي منهن مان رونق ڇڏائي ويئي آهي.


هنن مون کي کائڻ جي لاءِ ٽُوهہ جو ڦل ڏنو هو، ۽ جڏهن آءٌ اڃايل هئس تہ مون کي سرڪو پيئاريو هئائون.


دانهون ڪندي ڪندي آءٌ ٿڪجي پيو آهيان، ۽ نڙي بہ سُڪي ويئي اٿم. اي منهنجا خدا! تنهنجي راهہ ڏسندي ڏسندي منهنجيون اکيون بہ ضعيف ٿي ويون آهن.


خوشيءَ جهڙي ڪا دوا ناهي، ۽ نااميديءَ جهڙي ڪا بيماري ناهي.


جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“


گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“


جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پاڪ ڪلام مطابق اسان جي گناهن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ