Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 22:14 - Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 22:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ماڻهو پنهنجو وات ڦاڙي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، هو ملامت ڪرڻ واسطي مون کي منهانيون چماٽون ٿا هڻن، هو پاڻ ۾ هڪ ٿي منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن.


قادرِمطلق خدا منهنجي همت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، اها مصيبت جي اونداهي ناهي، بلڪ خدا ئي آهي، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، هن ئي منهنجي هر خوشي انهيءَ گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ لڪائي ڇڏي آهي.“


”هاڻي تہ آءٌ مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهيان، مصيبت جي ڏينهن اچي مون کي ورايو آهي.


هاڻ تہ منهنجيون سڀ هڏيون ڏسجڻ ۾ ٿيون اچن. دشمن مون کي چتائي ۽ گھُوري ڏسن ٿا.


منهنجي حياتي غم ۾ ۽ عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي. ڏکن سببان منهنجي طاقت گھٽجي ويئي آهي. ايتري قدر جو منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون آهن.


ايتري قدر جو هو منهنجي خلاف وات ڦاڙي هيئن ٿا چون تہ ”آها، آها، تو جيڪي بہ ڪيو سو اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو.“


جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.


اسين پنهنجي سڀني دشمنن آڏو، بي‌عزت ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب بڻياسين.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.


۽ منجھائن اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌائون. هنن شهر جي دروازي کان وٺي پٿرن جي کاڻين تائين انهن جو پيڇو ڪيو ۽ لاهيءَ تائين کين ماريندا آيا. پوءِ تہ بني اسرائيل جو ساهہ ئي سڪي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ