11 هاڻي تون مون کان پري نہ ٿيءُ، ڇوجو مصيبت ويجھي آهي، ۽ منهنجو ڪو ئي بہ مددگار ڪونهي.
11 مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي.
خداوند ڏٺو تہ اسرائيل وارا غلام توڙي آزاد، ڪيڏيءَ نہ مصيبت ۾ هئا ۽ سندن ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.
اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟
اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.
اي منهنجا خداوند! تون مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ. اي منهنجا خدا! تون مون کان پري نہ ٿجانءِ.
اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس.
محتاج جڏهن فرياد ٿو ڪري، تڏهن بادشاهہ کيس ڇڏائي ٿو. هو انهيءَ غريب کي ڇڏائي ٿو جنهن جو ڪوبہ مددگار ڪونهي.
آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويو هئس تہ اتي منهنجي مدد ڪرڻ يا هٿي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. تڏهن منهنجي غصي مون کي هٿي ڏني، ۽ مون پنهنجي قدرت سان اها جنگ کٽي ورتي.
پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.
پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻهوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“
تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي خدا جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو.“ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.
تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون سان گڏ آهي.
بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.
عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.