4 هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.
4 هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.
انهيءَ طرح هنن جي خون جو گناهہ يوآب ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ پوندو. پر دائود، سندس اولاد، سندس گھراڻي ۽ سندس تخت لاءِ خداوند وٽان هميشہ لاءِ سلامتي هوندي.“
پر خداوند مون کي برڪت وارو ڪندو ۽ دائود جي تخت کي پنهنجي آڏو هميشہ لاءِ قائم رکندو.“
تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“
سو تون مون کي بچائي جيئرو رک، تانتہ آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندو رهان! شال تنهنجا قاعدا قانون منهنجي رهنمائي ڪندا رهن!
جيئن تہ تنهنجي شريعت ئي منهنجي خوشين جو سبب آهي، سو مون تي پنهنجيون رحمتون نازل ڪر، تانتہ آءٌ جيئرو رهان.
اي خداوند، منهنجا خدا! تون ڌيان ڏي ۽ منهنجو هي عرض ٻڌ، مون کي تندرستي عطا ڪر، متان موت جي ننڊ نہ اچي وڃي.
اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.
شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.
انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.
آءٌ کين وڏي ڄمار عطا ڪندس، ۽ هو ڏسندا تہ مون کي بچائڻ جي ڪيڏي نہ قدرت آهي.“
هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘
۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.