Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 21:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تو عمدين برڪتن سان اچي کيس نوازيو آهي، ۽ سندس مٿي تي نج سون جو تاج رکيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تون هن کي چڱائيءَ جون برڪتون ڏيئي هن جي اڳيان اچي ٿو رسين: ۽ تون هن جي مٿي تي نج سون جو تاج ٿو رکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 21:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو.


پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


ان مهل دائود بہ آيل هو ۽ هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو.


هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرام‌گاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.


اهڙو ڪير آهي جيڪو ان تي حملو ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگھي؟ بيشڪ سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي.


هنن حملو ڪري مون کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو هو، پر خداوند منهنجو سهارو بڻيو.


پوءِ اسين تنهنجي فتح تي خوشيون ملهائينداسين، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جا جھنڊا بلند ڪنداسين. شل خداوند تنهنجيون سڀيئي دعائون پوريون ڪري!


اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


منهنجو خدا پنهنجي ٻاجھہ سان منهنجي سنڀال ڪندو. هو منهنجي دشمنن تي مون کي سوڀارو ڪري ڏيکاريندو.


ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي، جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“


ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


پوءِ سموئيل سڱ ۾ پيل زيتون جو تيل کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي روبرو مسح ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي خداوند جو روح دائود تي هميشہ نازل ٿيندو رهيو. پوءِ سموئيل اٿيو ۽ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ