2 تو ئي تہ هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي. هن جي زبان جو ڪو عرض تو رد نہ ڪيو آهي.
2 تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.
خداوند جي حضور مان اوهين پنهنجي خوشي حاصل ڪريو، اهو ئي اوهان جي دل جون مُرادون پوريون ڪندو.
منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.
انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.
حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.