Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 21:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 21:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.


شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي!


غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟


گھڻا ئي دشمن منهنجي خلاف گڏجي سازشون ڪن ٿا، ۽ منهنجي مارڻ لاءِ منصوبا ٿا ٺاهين. آءٌ کين سس پس ڪندي ٻڌان ٿو، سو مون کي هر پاسي کان ڊپ آهي.


اهي صلح واريون ڪي بہ ڳالهيون ڪين ٿا ڪن، بلڪ ملڪ ۾ جيڪي صلح پسند آهن، تن جي خلاف ٺڳيءَ واريون رٿون ٿا رٿين.


هو هيئن چون ٿا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل قوم کي اهڙو برباد ڪري ڇڏيون، جو انهيءَ جو ڪو وجود ئي نہ رهي، ۽ نہ وري سندن ڪو ذڪر ٿئي.“


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين ۽ هن شهر ۾ بڇڙيون صلاحون ٿا ڏين.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي کيس سجدو ڪريان.“


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس نبي ڪري پئي مڃيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ