Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهو جيڪو عرش عظيم تي ويٺو آهي سو مٿن کلي ٿو. سندن انهن هيڻن منصوبن تي خداوند مٿن ٺٺوليون ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 2:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا.


ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.


جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.


اي خداوند! تون جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهين، هائو، آءٌ تو ڏانهن ئي پنهنجيون اکيون کنيو نهاريان ٿو.


پر ڌڻي انهن بدڪار ماڻهن تي کلي ٿو، ڇوجو هو ڄاڻي ٿو تہ سندن وقت اچي پورو ٿيو آهي.


جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


پر اي خداوند! تون انهن تي کلين ٿو. جيڪي بہ غير قومن وارا آهن تن تي تون ٺٺوليون پيو ڪرين.


اي منهنجي طاقت خدا! آءٌ تو ڏانهن ئي واجھايان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين.


هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.


سو جڏهن اوهان تي ڪا مصيبت ايندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کلنديس، ۽ جنهن وقت اوهان کي دهشت وٺي ويندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کل ٺٺوليون ڪنديس.


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ