Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 2:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ڪُٽي ڪُٽي کين دز ڪيو تان‌جو اهي هوا ۾ اُڏامي ويا. هائو، مون گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي کين نابود ڪري ڇڏيو.


جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس،


هائو، پنهنجي دشمنن جي آواز کي نظرانداز نہ ڪر، انهيءَ هل هنگامي کي، جيڪو تنهنجا مخالف جاري رکيو ٿا اچن.


اهي تنهنجي قوم جي خلاف ٺڳيءَ جا ٺاهہ ٿا ٺاهين، هائو، تنهنجي پناهہ ۾ رهندڙن خلاف سازشون ٿا سِٽين.


اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.


پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘


هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا.


تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون.


عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون.


جڏهن ڪائونسل جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ