Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خداوند جو خوف رکڻ ۾ پاڪيزگي رهي ٿي، سندس خوف هميشہ هميشہ تائين رکيو ويندو. خداوند جا فيصلا برحق ۽ سڀ جو سڀ سچا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 19:9
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“


ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي.


هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخي‌اب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان.


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بيشڪ جيڪي بہ سندس خوف رکن ٿا، پوءِ اُهي ادنيٰ هجن يا اعليٰ، تن سڀني کي هو برڪت عطا ڪندو.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن، جيڪي پوريءَ طرح سچ جي راهہ تي هلن ٿا، هائو، اهي ئي جيڪي خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.


تنهنجي سچائي ابدي سچائي آهي، تنهنجي شريعت بلڪل سچي آهي.


تون مون کي ماڻهن جي انهيءَ خوفناڪ ملامت کان بچاءِ، جيڪا تنهنجي چڱن قاعدن قانونن تي هلڻ ڪري ڪئي وڃي ٿي.


آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن لاءِ، آڌيءَ رات جو بہ اُٿي تنهنجو شڪرانو ڪريان ٿو.


جيئن جيئن آءٌ تنهنجا صداقت وارا قاعدا سکندو ٿو وڃان، تيئن تيئن دل جي سچائيءَ سان تنهنجو شڪر ادا ٿو ڪريان.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


اي خداوند! بڇڙا ماڻهو هر طرف گھمن ڦرن ٿا، ۽ بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر گھڻو وڌي ويو آهي. سو تون اسان جي سار سنڀار لهج، ۽ اهڙن ماڻهن کان هميشہ اسان جي حفاظت ڪندو رهج.


هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس.


بڇڙن جي دلين ۾ خدا جو ڪو خوف ڪونهي. سندن دلين تي رڳو گناهہ جي حڪمراني آهي.


تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪي قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌائيندين سي هي آهن.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


اي خداوند! اسين بہ تنهنجي ئي فيصلن مطابق هلون ٿا، ۽ تو ۾ ئي اميد رکون ٿا. تنهنجو نالو ۽ تنهنجي ياد ئي اسان جي تمنا آهي.


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.


جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت خدا جو فيصلو حق سچ وارو آهي.


اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ايتري ۾ مون قربان‌گاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ