Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 18:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 18:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو. منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد سندس ڪنن تائين وڃي پهتو.


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.


مون مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو. هن منهنجي اها دانهن ٻڌي ورتي تہ


خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن.


پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


مون تي خوف اچي پيو آهي ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿم. هيبت اچي مون تي غالب پيئي آهي.


گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.


پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.


هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ