5 منهنجي چوڌاري پاتال جا رسا پيل هئا، منهنجي مٿان موت جا ڦندا اچي پيا هئا.
5 منهنجي چوڌاري قبر جون رسيون هيون: ۽ موت جا ڦندا اچي مون تي پيا.
مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو.
انهيءَ مهل ڄڻ ٻوڏ اسان کي ٻوڙي ڇڏي ها، ۽ اسان جي مٿان وهڪرا وهي وڃن ها،
اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ، ڇوجو تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ چڱي آهي. هائو، تون پنهنجي بيحد ٻاجھہ جي ڪري مون تي ڌيان ڏي.
مون تي تنهنجي ايڏي تہ دائمي شفقت آهي، جو تو مون کي موت جي منهن مان ڇڏايو آهي.
ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.
پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.