Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 18:49 - Muslim Sindhi Bible

49 سو اي خداوند! آءٌ قومن ۾ تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي ساراهہ پيو ڳائيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 تنهنڪري اي خداوند، آءٌ قومن ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 18:49
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ خدا جي رحم جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


پوءِ هنن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا.


اي خداوند! تنهنجا ڪيل قول ٻُڌي ڌرتيءَ جا سڀيئي بادشاهہ تنهنجو شڪرانو ادا ڪندا.


اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس،


اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس،


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


شال بني اسرائيل جو بچاءُ صيئون منجھان ٿئي! جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي وري خوشحال ڪندو، تڏهن بني يعقوب سرها ٿيندا، هائو، بني اسرائيل خوشيون ملهائيندا.


اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ