47 اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، ۽ جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،
47 يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،
هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
بيشڪ هن ئي قومن کي اسان جي تابع ڪيو آهي. هائو، هن انهن کي اسان جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.
اچو تہ اسين خداوند جا گيت ڳايون. اسين پنهنجي محافظ ۽ بچائيندڙ لاءِ خوشيءَ جا نعرا هڻون.
خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.
اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“
هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.