Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 18:44 - Muslim Sindhi Bible

44 اهي منهنجو نالو ٻڌڻ سان ئي منهنجا فرمانبردار ٿي ويا آهن، ۽ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 18:44
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جنهن جوان ماڻهوءَ اها خبر آندي هئي تنهن کان دائود پڇيو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ هن جواب ڏنو تہ ”آءٌ عماليقي آهيان، هڪڙي غير ماڻهوءَ جو پٽ.“


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


جيڪي وحشين جيان ڪانن وارن ٻوڙن ۾ رهن ٿا، ۽ انهن قومن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، جيڪي جھنگلي سانَهن ۽ انهن جي ٻچن جيان آهن، تن سڀني کي تون ڇينڀ ڪڍ، جيستائين اهي اچي تو کي سجدو نہ ڪن، ۽ تو آڏو چاندي پيش نہ ڪن. اهڙين قومن کي تون ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏ، جيڪي جنگ ڪرڻ ۾ خوش ٿين ٿيون.


ائين مون کان نفرت رکندڙ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪن، ۽ سندن سزا هميشہ جي لاءِ قائم رهي.


خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو! اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي. اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي. سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا، ۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ