32 خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.
32 اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.
خدا ئي منهنجو مضبوط قلعو آهي، منهنجيءَ راهہ کي هو ئي سنئون سڌو ٿو بڻائي.
خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس.
خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“
اي خداوند! تون ئي بادشاهہ آهين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پهريل آهي. هن جهان کي تو اهڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آهي، جو ان کي ڪو لوڏو بہ اچي نہ ٿو سگھي.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي خوف وچان ڏڪو. اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين، جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي، جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“
آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.
ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.
جڏهن وري ٻيهر جنگ شروع ٿي تہ دائود نڪري وڃي فلستين تي ايترو تہ زور سان حملو ڪيو جو هو سندس اڳيان وٺي ڀڳا.