زبور 18:26 - Muslim Sindhi Bible26 پاڪ ماڻهن سان تون پاڪائيءَ واري هلت ٿو ڪرين، پر جيڪي ڏنگا ماڻهو آهن تن سان تون بہ ڏنگو ٿو هلين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.