22 انهيءَ ڪري جو مون هن جا سڀ قاعدا قانون پنهنجي اڳيان رکيا، ۽ انهن کان ڪڏهن بہ پاسيرو نہ ٿيس.
22 ڇو جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي سامهون هئا، ۽ سندس قانون مون رد نہ ڪيا.
منهنجا پير هن جي نقشِقدم تي قائم رهيا آهن، مون سندس ئي راهہ اختيار ڪئي آهي، ۽ ڪيڏانهن بہ ڪين مڙيو آهيان.
مون پنهنجي دل تنهنجي قاعدن قانونن سان لڳائي آهي، تانتہ آءٌ انهن تي هر دم عمل پيو ڪريان.
هائو، اي خداوند! مون کي سنڀالي وٺ تانتہ آءٌ سلامت رهان، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي غور پيو ڪندو رهان.
انهيءَ ڪري جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن کي سچو سمجھان ٿو، ۽ هر ڏنگيءَ راهہ کان نفرت ڪريان ٿو.
تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.
مون وفاداريءَ واري واٽ چونڊي ورتي آهي، هائو، مون تنهنجي قاعدن قانونن کي پنهنجي سامهون رکيو آهي.
ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“
پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين، ڌارين، يتيمن ۽ رننزالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.
مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.