19 هائو، جيئن تہ هو مون مان راضي هو سو مون کي ڇڏايائين، ائين هن مون کي خطري مان ڪڍي ٻاهر آندو.
19 منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو.
خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي بني اسرائيل جي تخت تي ويهاريو اٿائين. جيئن تہ خداوند کي بني اسرائيل سان دائمي پيار آهي تنهنڪري هن تو کي انهن جو بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“
”اهڙيءَ طرح خدا تو کي بہ مصيبت مان ڪڍي اهڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ پهچائي ها، جتي تنگي بلڪل نہ آهي. هو تنهنجي دسترخوان کي عمدن طعامن سان ڀري ڇڏي ها.
”مون مصيبت جي وقت خداوند کي پڪاريو، خداوند منهنجي دانهن ٻڌي ۽ مون کي ڇڏايائين.
تو منهنجي قدمن کي ڪشاديءَ راهہ تي هلايو آهي، تنهنڪري ئي منهنجا پير ڪڏهن بہ نہ ٿاٻڙيا آهن.
تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.
خداوند کي جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي واٽ پسند اچي ٿي، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ جي قدمن کي ان واٽ تي ئي قائم رکي ٿو.
هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.