16 انهيءَ وقت آءٌ ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هئس، جنهن مان خداوند بلنديءَ تان هٿ وڌائي مون کي ڇڪي ڪڍي ورتو.
16 هن مٿان وٺي مون کي جهليو ۽ وڏي پاڻيءَ منجهان ڇڪي ڪڍيائين.
انهيءَ وقت آءٌ ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هئس، جنهن مان خداوند بلنديءَ تان هٿ وڌائي مون کي ڇڪي ڪڍي ورتو.
عرش تان پنهنجو هٿ ڊگھيري مون کي بچائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻوڏ جيان مون کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. هائو، انهن جي هٿن مان مون کي اچي ڇڏاءِ.
اي خداوند! تو مون کي نہ رڳو منهنجي قوم جي جھيڙن کان بچايو آهي، بلڪ غير قومن جو بہ سردار بڻائي ڇڏيو اٿيئي. هائو، جن کي مون ڄاتو بہ نہ ٿي سي منهنجي تابع ٿيا آهن.
اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو.
هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو.
پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي. هن کيس پنهنجو پٽ بڻايو ۽ سندس نالو موسيٰ رکيائين، جو چيائين تہ ”مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي.“
هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.
پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.