زبور 17:9 - Muslim Sindhi Bible9 مون کي انهن شريرن کان بچاءِ، جيڪي مون تي ظلم ٿا ڪن. هائو، انهن جاني دشمنن کان منهنجي حفاظت ڪر، جيڪي مون کي چوڌاري وڪوڙي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 انهن شريرن کان، جي مون سان ظلم ٿا ڪن، ۽ منهنجن جاني دشمنن کان، جي مون کي چوڌاري ويڙهي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.