5 منهنجا قدم تنهنجيءَ واٽ تي ئي قائم رهيا آهن، ۽ انهيءَ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڙيا آهن.
5 منهنجا قدم تنهنجين واٽن تي قائم رهيا آهن، منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.
منهنجا پير هن جي نقشِقدم تي قائم رهيا آهن، مون سندس ئي راهہ اختيار ڪئي آهي، ۽ ڪيڏانهن بہ ڪين مڙيو آهيان.
تون پنهنجي واعدي مطابق منهنجي چال کي درست رک، ائين نہ ٿئي جو ڪا بڇڙائي مون تي غالب اچي پوي.
ڪاهن هيئن ٿو چوي تہ ”خداوند تنهنجو اهڙو محافظ آهي، جنهن کي ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو. اهو تنهنجي پيرن کي ترڪڻ نہ ڏيندو.
خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.
تو منهنجي قدمن کي ڪشاديءَ راهہ تي هلايو آهي، تنهنڪري ئي منهنجا پير ڪڏهن بہ نہ ٿاٻڙيا آهن.
مون پنهنجي دشمنن جي پٺيان پئي کين پڪڙي ورتو، آءٌ تيستائين ڪين موٽيس جيستائين اهي چٽ نہ ٿي ويا.
منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“
اسان جون دليون تو کان ڪڏهن بہ ڪين ڦريون آهن، نڪي وري اسان جا پير تنهنجيءَ واٽ کان ڪڏهن هٽيا آهن.
جڏهن بہ مون محسوس ٿي ڪيو تہ منهنجو پير ترڪندو ٿو وڃي، تڏهن خداوند جي دائمي شفقت مون کي سنڀالي ٿي ورتو.
اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.
هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،