Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 شال منهنجو فيصلو تنهنجي حضور منجھان ئي ٿئي! شال تنهنجيون اکيون مون تي انصاف جي نظر ڪن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڀلي تہ منهنجو فيصلو تنهنجي حضور مان ٿئي؛ تنهنجون اکيون انصاف تي نظر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند سچارن کي دشمنن جي هٿن ۾ ڇڏي نہ ڏيندو. هائو، جڏهن سچارن کي عدالت ۾ گهليو ويندو، تڏهن خدا کين ڏوهي قرار ڏيڻ نہ ڏيندو.


هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو.


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.


اي حزقي‌ايل! انهيءَ جي باوجود تنهنجا ماڻهو چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ جڏهن تہ هو پاڻ صحيح رستي کان هٽي ويا آهن.


انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقي‌ايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ