زبور 17:15 - Muslim Sindhi Bible15 اي خداوند! آءٌ بيقصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“