Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 17:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 17:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.


انهن سڀني مان هر ڪو تو کي ٻڌائي سگھي ٿو، تہ خداوند جي هٿن ئي هي سڀ ڪجھہ بڻايو آهي.


پنهنجي مرڻ کان پوءِ کين ڪهڙي پرواهہ ٿي رهي تہ سندن ٻارن ٻچن سان ڇا ٿو وهي واپري؟


تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


ڏسو، اهي بڇڙا آهن. اهي سدائين بي‌فڪرا ٿي ڌن دولت وڌائيندا رهن ٿا.


اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.


”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.


پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها تہ جيڪر دنيا اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين دنيا جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي.


مون تنهنجو پيغام انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو دنيا انهن کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان.


اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ