Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڪري آءٌ پوريءَ طرح امن وَ سلامتيءَ سان رهان ٿو، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان خوشيون ٿو ملهايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس،


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس.


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


سو اي دانيال! تون انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي ڏينهن پوري ٿيڻ تائين ثابت قدم رهہ. پوءِ تون وڃي آرامي ٿيندين ۽ زمانن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندين.“


تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو فاني جسم بہ اميد سان ڀريل رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ