Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ هميشہ تو کي ئي پنهنجي آڏو رکان ٿو. جيئن تہ تون مون سان گڏ آهين، سو مون کي ڪو لوڏو ڪونہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مون خداوند کي هميشہ پنهنجي سامهون رکيو آهي: هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تان‌تہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.


خداوند تنهنجي ساڄي پاسي آهي، هو پنهنجي غضب واري ڏينهن تي ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيندو.


بيشڪ خداوند تنهنجي حفاظت ڪندو. هو تو مٿان پوريءَ طرح پنهنجي ڇانوَ ڪندو.


جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻيون آهن. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو جڏهن جاڳان ٿو تہ پاڻ کي تو سان لهان ٿو.


هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


اي بادشاهہ! تون پنهنجي سڀني دشمنن کي ڳولي قابو ڪندين. هائو، جن کي تو کان نفرت آهي، سي تنهنجي زورآور هٿ کان بچي نہ سگھندا.


اي دشمنؤ! اوهين ڪيستائين مون جهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ گڏجي حملو ڪندا رهندا؟ هائو، آءٌ جيڪو ڳريل ڀت وانگر جھڪيل رهان ٿو، ۽ لڏندڙ ڪنڌيءَ جيان ڪمزور آهيان.


رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.


بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


تنهن هوندي بہ آءٌ سدائين تو سان گڏ رهيس، تڏهن تو منهنجو ساڄو هٿ جھلي ورتو.


توڙي جو منهنجو جسم ۽ جان ڳرندا ٿا وڃن، تہ بہ تون خدا ئي هميشہ تائين منهنجي طاقت ۽ منهنجي ميراث آهين.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ