Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تون هر وقت منهنجي رهبري ٿو ڪرين. هائو، رات جي اونداهيءَ ۾ بہ تنهنجيون تعليمات منهنجي دل کي روشن ڪريو ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 آءٌ چوندس تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن مون کي صلاح ڏني آهي: منهنجي دل بہ رات جي وقت مون کي نصيحت ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جي هر پهر ۾ منهنجيون اکيون کُليل رهن ٿيون، تان‌تہ آءٌ تنهنجي چيل ڳالهين تي غور ويچار ڪندو رهان.


اي خداوند! رات جي اونداهين ۾ بہ آءٌ تو کي ئي ياد ڪريان ٿو، بلڪ تنهنجي شريعت تي هر دم عمل ڪندو رهان ٿو.


جيئن جيئن آءٌ تنهنجا صداقت وارا قاعدا سکندو ٿو وڃان، تيئن تيئن دل جي سچائيءَ سان تنهنجو شڪر ادا ٿو ڪريان.


ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري،


اي منهنجا خدا! آءٌ ڏينهن رات تو کي پڪاريندو ٿو رهان، پر تون منهنجي دانهن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.


تڏهن بہ ڏينهن جي وقت خداوند مون کي پنهنجي دائمي شفقت ڏيکاري ٿو، ۽ رات جي وقت مون کان پنهنجو گيت ڳارائي ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ جي واکاڻ ٿو ڳايان، جيڪو منهنجي حياتيءَ جو خدا آهي.


آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،


ڪنهن وقت منهنجي دل ايڏي رنجيدہ ٿيندي هئي، جو ڄڻ ڪا ڪاتي منهنجي اندر ۾ وڍ ڏيندي هئي.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي.


آءٌ رات جو ويٺو پنهنجيءَ دل سان حال اوريان ٿو. آءٌ اهو غور ٿو ڪريان ۽ منهنجي دل انهيءَ جاچ جاچان ۾ آهي تہ


آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


”اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان. هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان، ۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان، جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ