6 خداوند جيڪي چڱيون شيون مون کي ورثي طور ڏنيون آهن، سي ڪيڏيون نہ دلپسند آهن.
6 منهنجي ميراث دلپسند جاءِ ۾ اچي پيئي آهي؛ هائو، منهنجي ميراث عمدي آهي.
اي خدا! تون بادشاهہ جي حياتي وڌاءِ، ۽ سندس گھراڻي جي بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي قائم رک.
هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.
خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي، جنگي حمليآورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا، تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي، ۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين. جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“
عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“
جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.
آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي
جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.
اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.