Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 16:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب ان جاءِ تي يادگار طور هڪ ٿنڀي جيان پٿر کڙو ڪيو جتي خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون ۽ انهيءَ ٿنڀي تي خدا لاءِ اوتڻ وارو نذرانو ۽ تيل پئٽيائين.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“


اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو. هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني ۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ ڳوهيل پيش ڪجو. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي جا ساڙبي آهي. ان سان گڏ اوهين هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.


جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ