1 اي خدا! تون منهنجي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ ٿو وٺان.
1 اي خدا، مون کي سنڀال ڇو جو آءٌ توتي ئي ڀروسو ٿو رکان.
خداوند سادن سٻاجھن جي حفاظت ڪري ٿو. سو جڏهن آءٌ دٻجي ويو هئس تڏهن هن مون کي بچائي ورتو.
جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.
منهنجا قدم تنهنجيءَ واٽ تي ئي قائم رهيا آهن، ۽ انهيءَ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڙيا آهن.
اک جي ماڻڪيءَ وانگر تون منهنجي حفاظت ڪج. هائو، مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ.
”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“
مون تنهنجي پناهہ ورتي آهي، سو منهنجي جان جي حفاظت ڪر ۽ مون کي بچاءِ. ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان.
اي خداوند جا نيڪ بندؤ! سڀيئي ساڻس پيار ڪريو. هو وفادارن جي حفاظت ڪري ٿو، پر جيڪي مغرور آهن تن کي جوڳي سزا سان بدلو ڏئي ٿو.
جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.
اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا.
اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر.
اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ تنهنجي پناهہ وٺان ٿو، جيڪي منهنجو پيڇو ڪن ٿا تن کان مون کي بچاءِ.
ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.
اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!
جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.
جيڪي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪن ٿا، تن کي خداوند پيار ڪري ٿو. جيڪي سندس نيڪ بندا آهن تن جي هو حفاظت ڪري ٿو، ۽ بڇڙن ماڻهن جي هٿن منجھان کين ڇڏائي ٿو.
هائو، اهي جيڪي سندس نيڪ بندا آهن ۽ ٻين سان انصاف سان ٿا هلن، تن جي هو حفاظت ۽ نگهباني ٿو ڪري.
سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر خدا تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو.
جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.