6 شال سڀڪو ساهوارو خداوند جي واکاڻ ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
6 ڀلي تہ سڀڪو ساهہ وارو خداوند جي تعريف ڪري. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.
اي خداوند جي سڄي خلقت! انهيءَ جي واکاڻ ڪر، انهيءَ جي پوري بادشاهت ۾، هائو، هر هنڌ کيس سڳورو چئُہ. آءٌ بہ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو.
اي خداوند! تنهنجي سڄي مخلوقات تنهنجو شڪرانو ادا ڪندي، ۽ تنهنجا نيڪ بندا تو کي سڳورو چوندا.
آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. شل هر انسان سندس پاڪ نالي کي هميشہ سڳورو چوي.
هائو، اهي سڀ خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن جو ئي نالو سڀني کان سرفراز آهي. سندس عظمت زمين وَ آسمان کان بلند آهي.
خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رننزالن جو ڀرجھلو آهي.
پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“