4 دڦ وڄائي ناچ ڪري اوهين سندس واکاڻ ڪريو، تار وارن سازن ۽ شرناين سان اوهين سندس واکاڻ ڪريو.
4 دف ۽ ناچ سان سندس تعريف ڪريو: تار وارن سازن ۽ توتاريءَ سان سندس تعريف ڪريو.
اهي ٻارڙا دڦ ۽ دنبوري تي گيت ڳائين ٿا ۽ شرناءِ جي آواز تي خوشيون ٿا ڪن.
ڪڏهن تہ آءٌ دنبورا ۽ شرنايون وڄندي خوشيءَ جو آواز ٻڌندو هئس، پر هاڻي منهنجي ٻڌڻ لاءِ رڳو ماتم ۽ روڄ آهي.“
اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس.
ڀلي تہ هو نچندي ڪُڏندي سندس نالي جي واکاڻ ڪن. هو دڦ ۽ سارنگيون وڄائي سندس تعريف ڳائين.
اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو.
تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.
ڏهن تارن واري ساز سان توڙي سارنگيءَ ۽ دنبوري جي مٺي آواز سان تنهنجي شفقت جي واکاڻ ڳائڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!
تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.
اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“
قادرمطلق خداوند خدا ئي منهنجي طاقت آهي. اُهو منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن وانگر ٿو ڪري، هو مون کي اوچاين تائين وڃڻ جي سگھہ ٿو بخشي. استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي منهنجي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي.