زبور 15:5 - Muslim Sindhi Bible5 هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بيڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“