Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 15:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 15:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


شهنشاهہ جا سڀيئي خدمتگار جيڪي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر هئا سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جھڪائي سندس تعظيم ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهو شهنشاهہ جو حڪم هو. پر مردڪئي نہ ئي هن اڳيان ڪنڌ جھڪائيندو هو ۽ نہ ئي وري کيس تعظيم ڏيندو هو.


آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس.


منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تان‌تہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا.


آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.


جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.


”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘


پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


انهيءَ ڪري هنن اسان کي وڏي عزت ڏني. اهڙيءَ طرح ٽن مهينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي هڪڙي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿياسين، جنهن جو نالو ۽ نشان ”جاڙا ديوتا“ هو. اهو جهاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ ئي بيٺو رهيو هو. جڏهن اسان جي رواني ٿيڻ جو وقت آيو تڏهن ٻيٽ جي رهاڪن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جهاز ۾ آڻي رکيون. اتان روانا ٿي


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ