Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 15:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهي پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن بہ ڪنهن جي گِلا نہ ٿا ڪن، نڪي هو ڪنهن سان ڪا بدي ٿا ڪن، ۽ نہ ئي وري ڪنهن تي ڪا تهمت ٿا هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جو پنهنجيءَ زبان سان گلا نٿو ڪري، نڪي پنهنجي دوست سان برائي ٿو ڪري، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي بدنامي ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 15:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.


جيئن آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائيءَ جو ماپڻ وس کان ٻاهر آهي، تيئن بادشاهن جي دل جو حال معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي.


سڀاڳا آهن اهي انسان جيڪي انهن ڳالهين تي عمل ٿا ڪن! ۽ اهي بہ جيڪي سبت جي ڏينهن کي ملهائين ٿا، ۽ انهيءَ جي بي‌حرمتي نہ ٿا ڪن. سڀاڳا آهن اهي انسان! جيڪي پنهنجن هٿن کي هر طرح جي برائيءَ وارن ڪمن کان روڪي ٿا رکن.“


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“


گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندڙ،


جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.


جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آهي.


اهي ڪنهن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.


منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.


سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ