Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 149:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ڀل تہ سندن زبان تي خدا جي واکاڻ هجي، جڏهن تہ سندن هٿن ۾ ٻِہ‌منهين تلوار هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڀلي تہ انهن جي وات ۾ خداوند جي وڏي تعريف هجي، ۽ سندن هٿن ۾ ٻہ ڌاري ترار هجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 149:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


انهن کي هٿ بہ آهن پر کين ڇُهڻ جي سگھہ ناهي، بيشڪ انهن کي پير بہ آهن پر کين هلڻ جي طاقت ناهي، نڪي وري اهي پنهنجي نڙيءَ مان ڪو آواز ئي ڪڍي ٿا سگھن.


مون کيس وڏي آواز سان مدد جي لاءِ پڪاريو هو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان سندس واکاڻ ڪئي هئم.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


اهود پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻِہ‌منهين تلوار ٺاهي جيڪا اٽڪل اڌ ميٽر ڊگھي هئي. اها هن پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان ساڄيءَ ران تي ٻڌي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ