Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 149:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. خداوند جي لاءِ هڪ نئون گيت ڳايو، فرمانبردارن جي گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ جي واکاڻ گونجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو، ۽ مقدسن جي جماعت ۾ سندس تعريف ڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 149:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ سچارن جي گڏجاڻيءَ ۾، پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند جو شڪر ڪندس.


جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، تو خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس.


اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي آسمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اي عرش عظيم تي رهڻ وارؤ! خداوند کي سڳورو چئو.


آءٌ پنهنجي قوم وارن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس، ۽ هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجو هي حمد ڳائيندس تہ


آءٌ سندس عنايت سان هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ واکاڻ ڪندس. آءٌ سندس عبادت‌گذارن جي روبرو باس جون قربانيون پيش ڪندس.


اوهين هن جي لاءِ هڪڙو نئون گيت ڳايو، مهارت سان ساز وڄايو ۽ وڏي آواز سان ڳايو.


تڏهن عبادت واري وڏي گڏجاڻيءَ ۾ آءٌ تنهنجو شڪر ادا ڪندس. هائو، آءٌ سڀني ماڻهن جي اڳيان تنهنجي واکاڻ ڪندس.


هو ڳائين ٿا تہ ”هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين پنهنجي خدا کي سڳورو چئو. اوهين جيڪي يعقوب جو نسل آهيو، سي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڳورو چئو.“


اي خداوند! شل آسمانن ۾ تنهنجي معجزن جي تعريف ڪئي وڃي. هائو، شل آسمان وارا تنهنجي وفا جي واکاڻ پيا ڪن.


اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو. اوهين خداوند جي واکاڻ جو هڪ نئون گيت ڳايو.


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.


بلڪ هو خدا کي چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس. جماعت ۾ آءٌ تنهنجي واکاڻ جا گيت ڳائيندس.“


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ