اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.
اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.
اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.