5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇوجو هن جي حڪم سان ئي سڀڪو پيدا ٿيو آهي.
5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هن حڪم ڏنو ۽ اهي پيدا ٿيا.
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻيءَ جي وچ ۾ حد مقرر ٿئي جيڪا پاڻيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي.“ سو ائين ئي ٿيو.
اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.
سمنڊ بہ هن جا ئي آهن، ڇوجو هن ئي انهن کي جوڙيو آهي. خشڪي بہ هن جي ئي آهي، جنهن کي هن پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آهي.
اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.
”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“