3 اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.
3 سج ۽ چنڊ، اوهين سندس تعريف ڪريو: سڀيئي چمڪندڙ تارا، اوهين سندس تعريف ڪريو.
جيستائين دنيا هوندي تيستائين پوکي توڙي لوب، سردي ۽ گرمي، اونهارو ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا.“
”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين،
ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.