Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 148:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تان‌تہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هن پنهنجن سڀني مقدسن، يعني پنهنجي ويجهي اُمت بني اسرائيل جي وڏائيءَ جي لاءِ سندن سڱ مٿي ڪيو آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 148:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


اي خداوند! تنهنجي سڄي مخلوقات تنهنجو شڪرانو ادا ڪندي، ۽ تنهنجا نيڪ بندا تو کي سڳورو چوندا.


تان‌تہ قومن کي اها سزا ڏين جنهن جي خدا فتويٰ ڏني اٿن. بيشڪ خدا جي چونڊيل قوم لاءِ اها ئي فتحمندي آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.


انهيءَ سبب جو تون اسان جي طاقت جو شان آهين، تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جي طاقت وڌي ٿي.


اي خداوند! تون ئي اسان جي ڍال آهين. اي اسرائيل جا پاڪ معبود! تون ئي اسان جو بادشاهہ آهين.


پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.


اي خداوند! تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس. تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس، بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.


هن زورآورن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.


تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.


اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ