11 اوهين اي دنيا جا بادشاهؤ! ۽ پڻ سموريون قومون! اوهين اي دنيا جا سردارؤ! ۽ پڻ اي سڀ حڪمرانؤ!
11 زمين جا بادشاهہ ۽ سڀيئي اُمتون: زمين جا سڀيئي سردار ۽ منصف:
پوءِ جڏهن خداوند پنهنجي بچائڻ واري قدرت ڏيکاريندو، تڏهن دنيا جون سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون، هائو، دنيا جا سمورا بادشاهہ سندس جلال کان ڊڄندا.
اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.
انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“
قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.
انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا بادشاهہ پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا.