Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 147:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اسان جو خداوند عظيم ۽ وڏيءَ قدرت وارو آهي. هن جي حڪمت جو ڪو ئي بہ ڪاٿو ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اسان جو خداوند عظيم آهي، ۽ وڏي قدرت وارو آهي؛ هن جي سمجهہ بيحد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 147:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.


خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي،


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي.


خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي.


منهنجو اهو ايمان آهي تہ خداوند عظيم آهي، هائو، اسان جو رب سڀني معبودن کان بلند وَ بالا آهي.


ياد رک، خدا قادر آهي، تنهن هوندي بہ هو ڪنهن کي حقير نہ ٿو ڄاڻي، ڇو تہ هو سمجھہ جي وڏي سگھہ رکندڙ آهي.


اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ