4 هو تارن جو تعداد مقرر ڪري ٿو، ۽ هر هڪ تاري تي جدا جدا نالو رکي ٿو.
4 هو تارن جو شمار ٿو ڪري، ۽ انهن سڀني تي نالا ٿو رکي.
پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“
اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.
جڏهن آءٌ آسمانن کي ڏسان ٿو، جيڪي تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جڏهن آءٌ چنڊ تارن تي غور ڪريان ٿو، جيڪي تو ئي مقرر ڪيا آهن،
اي انسانؤ! پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڏسو تہ انهن سڀني ستارن ۽ سيارن جو خالق ڪير آهي؟ رڳو اهو ئي آهي، جيڪو انهن کي هڪ لشڪر وانگر هلائي ٿو. اهو ئي انهن جو تعداد ڄاڻي ٿو، ۽ انهن مان هر هڪ کي سندس نالو وٺي سڏي ٿو. هن جي قدرت ايڏي تہ عظيم آهي، جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ گم نہ ٿو ٿئي!