خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.
انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.
”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،