9 خداوند سڀني تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو، هو پنهنجي سڄي مخلوقات تي مهربان آهي.
9 خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.
سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان.
بيشڪ خداوند مهربان آهي، سندس شفقت ابدي شفقت آهي، ۽ سندس وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندي.
پوري مخلوق کي تنهنجو ئي آسرو آهي، جو تون سندن ضرورت وقت کين کاڌو ڏئين ٿو.
بيشڪ اي خداوند! تون ڏاڍو ڀلو ۽ سچو آهين، تنهنڪري گمراهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکارين ٿو.
هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.
تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بيشمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“
بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِپناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.
تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.
تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“
هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي خدمت ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو.