Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 145:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هڪڙي پيڙهي ٻي پيڙهيءَ سان تنهنجي ڪمن جي تعريف پيئي ڪندي، هائو، اهي تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هڪڙي پيڙهيءَ جا ماڻهو ٻيءَ پيڙهيءَ کي تنهنجن ڪمن جي تعريف ٻڌائيندا، ۽ تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 145:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن هر نسل ۾، هر خاندان، هر شهر ۽ هر صوبي ۾ اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن ۽ ملهايا وڃن. يهودين کان پُوريم عيد جا اهي ٻئي ڏينهن ملهائجڻ کان رهجي نہ وڃن ۽ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي نہ وڃي.


ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ


سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان.


جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ