16 تون سخاوت سان پنهنجي مٺ انهن تي کولين ٿو، ۽ هر جاندار جي خواهش پوري ڪرين ٿو.
16 تون پنهنجي مٺ ٿو کولين، ۽ هر ڪنهن جاندار جي خواهش پوري ٿو ڪرين.
پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“
اهو ڪير آهي جيڪو ويران ۽ سڃي زمين کي ريج ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ مان سرسبز گاهہ ٿو ڦٽائي؟
تون سندن لاءِ جيڪي مقرر ڪرين ٿو، سو هو حاصل ڪن ٿا. هائو، جڏهن تون پنهنجي مُٺ کي کولين ٿو، تڏهن اهي چڱين شين سان ڍءُ ڪن ٿا.
بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري.
انهيءَ شهر يروشلم جي رزق ۾ آءٌ جھجھي برڪت وجھندس، آءٌ ان جي غريبن کي بہ ڍءَ تي ماني کارائيندس.
هو نہ رڳو ڪانون جي پڪاريندڙ ٻچڙن کي، بلڪ هر جانور توڙي پکيءَ کي کاڌو مهيا ڪري ٿو.